تيرٿ ڪنڀ

تيرٿ ڪنڀ

تيرٿ ڪنڀ

تيرٿ ڪنڀ: هندستان جي ورهاڱي کان اڳي، هندو يوگي، جوڳي، سنياسي ۽ ساڌو گهڻو ڪري گورک جبل جي چوٽيءَ تي ايندا ويندا هئا. گورک جي رستي تي، نئن گاج جي پيٽ ۾ تيرٿ ۽ تپسيا جي ٻي جڳهه جو نالو تيرٿ ڪنڀ آهي، تيرٿ ڪنڀ جي مٿان، هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ تي هڪ ننڍي ڏيوري ٺهيل آهي، جنهن کي عام ماڻهو ”تيرٿ قبي“ سڏيندا آهن. ان ڏيوريءَ ۾ ماضيءَ ۾ ڪي جوڳي ۽ سنياسي رهندا هئا. اڪثر ياتري هن ڪنڀ ۾ اشنان لاءِ ۽ ڏيوريءَ ۾ پوڄا پاٺ لاءِ ايندا ويندا هئا. ڦڳڻ مهيني جي 11 تاريخ کان وٺي 27 تاريخ تائين هن ڪنڀ تي شِوَ جو ساليانو ميلو لڳندو آهي. سنڌ ۾ لڳندڙ هن ميلي جي، هندستان ۾ لڳندڙ ”مها ڪنڀ“ ميلي جهڙي اهميت هئي. ساڳين تاريخن تي، پري پري کان هندو ياتري ٻارين ٻچين ڪهي هتي ايندا هئا. تيرٿ ڪنڀ تي ماڻهو اڃا به مڇي مارڻ ايندا آهن، پر شِوَ جو ميلو هاڻي نٿو لڳي .


لفظ تيرٿ ڪنڀھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو